تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو

Shah-Mehmood-Qureshi-101216

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، نااهلي جي مرتڪب ٿيو آهي، مسلم ليگ ن ۾ هاڻي 2 گروپ بڻجي ويا آهن.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته نواز شريف کي عدالت موقعو ڏنو پر هو بيگناهي ثابت نه ڪري سگهيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته قوم ڪرپٽ حڪمرانن جو احتساب چاهي ٿو، مسلم ليگ ن ۾ هاڻي 2 گروپ بڻجي ويا آهن، ٻيو گروپ سامهون ٿيڻ چاهي ٿو.

پڇيل هڪ سوال جي  جواب ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته موجوده حالت ۾ جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*