وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وزير اعظم نواز شريف سان گذريل35 سالن جو ساٿ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

the chaudhry

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وزير اعظم نواز شريف سان گذريل35 سالن جو ساٿ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعي موجب چوڌري نثار اهڙو اعلان پنهنجي سڀاڻي واري پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو.

چوڌري نثار جي ويجهن ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته چوڌري نثار  وزير اعظم نواز شريف کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب چوڌري نثار علي خان پنهنجي گهرو وزارت واري عهدي تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، ۽ چوڌري نثار نواز ليگ ۾ ئي رهندو پر ڪوبه عهدو نه وٺندو.

ذريعن موجب چوڌري نثار چيو آهي ته هن وزير اعظم نواز شريف سان وفاداري نڀائي آهي، پر هاڻي هو ننڍو ذهن رکندڙ ماڻهن  جي گهيري ۾ اچي ويو آهي.

چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته ننڍو ذهن رکندڙن ئي وزير اعظم نواز شريف لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن، جنهن سبب هو هن وقت پريشاني جو شڪار آهي.

هوڏانهن وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار بابت وقت کان اڳ ڪابه واويلا نه ڪئي وڃي، سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ سمورو معاملو واضح ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*