ڪنري ٿاڻي تي داداگيري واري ڪيس ۾ نامزد وڏيري زيد ٽالپر سميت ٽن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

zaid talpur

ڪنري ٿاڻي تي داداگيري واري ڪيس ۾ نامزد وڏيري زيد ٽالپر سميت ٽن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ٽنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪري لاڪپ ڪرائي ڇڏيو.

ٿاڻي تي داداگيري واري ڪيس ۾ جوابدار زيد ٽالپر، سندس ڪمدار لڇمڻ ۽ ڊرائيور ڪريم بگٽي کي سيش جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ٽنهي جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪندي پوليس کي سندن گرفتاري جو حڪم ڏنو.

ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ زيد ٽالپر سميت ٽنهي جوابدارن کي شادي پلي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.

ٿاڻي تي داداگيري واري ڪيس ۾ زيد ٽالپر جي ضمانت جي تاريخ اڄ ئي ختم ٿي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*