ڊکڻ ويجهو چئن ورهين جي معصوم ٻارڙي جي نوجوان سان نڪاح ڪرايو ويو

dhakan ningri nikah

ڊکڻ ويجهو چئن ورهين جي معصوم ٻارڙي جي نوجوان سان نڪاح ڪرايو ويو، پوليس ڇاپو هڻي ٻارڙي کي هٿ ڪري نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ گهوٽ جي والد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ رامڻ شر ۾ چئن ورهين جي معصوم نينگري ڪوڙي شر جو 22 ورهين جي نوجوان حبيب الله شر سان نڪاح ڪرايو ويو.

اطلاع ملڻ تي ڊکڻ پوليس ڳوٺ تي ڇاپو هڻي نينگري جي شادي روڪرائي ڇڏي،گهوٽ فرار ٿي ويو.

پوليس نينگري کي هٿ ڪري نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ڪفايت الله ڀٽو ۽ گهوٽ جي والد گل مير شر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ  ڪري ڇڏيو آهي.

ايس ايڇ او ڊکڻ چيو ته ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي ڪارروائي ڪري ننڍي عمر واري شادي روڪرائي آهي، گهوٽ فرار ٿي ويو آهي.

هن چيو ته نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ گهوٽ جي والد کي گرفتار ڪيو ويوآهي، انهن خلاف چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*