نوابشاهه، پنوعاقل ۽ ميرپوربٺورو ويجهو ٻن نوجوانن سميت ٽن ڄڻن جا تشدد ۽ گوليون لڳل لاش مليا آهن

pano akil

نوابشاهه، پنوعاقل ۽ ميرپوربٺورو ويجهو ٻن نوجوانن سميت ٽن ڄڻن جا تشدد ۽ گوليون لڳل لاش مليا آهن، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيا آهن.

نوابشاهه ويجهو گاجرا واهه مان 30 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش  مليو، پوليس نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي.

پنوعاقل ويجهو نوجوان جو زمين مان تشدد ٿيل لاش مليو، پوليس لاش تعلقي اسپتال منتقل منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي.

ميرپوربٺوري ڀرسان دڙي موري اسٽاپ وٽ پنڃاري ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي.

 سجاول پوليس لاش ڪئنال مان ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*