مٺي ۾ تيز برساتن بعد کليل آسمان هيٺ پيل امدادي ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي آهي

mithi taiz barsat

مٺي ۾ تيز برساتن بعد کليل آسمان هيٺ پيل امدادي ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي آهي، خوارڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا جي بي ڌياني سبب ڪڻڪ مستحق ڪٽنبن ۾ ورهائجي نه سگهي آهي.

اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو جي گدامن ۾ ٿر جي 2 لک ڪٽنبن لاءِ سنڌ سرڪار پاران موڪليل امدادي ڪڻڪ ورهاست نه ٿيڻ ڪري کليل آسمان هيٺ پيل آهي، جيڪا برسات سبب خراب ٿي رهي آهي.

عيد کان 2 هفتا اڳ خوراڪ کاتي جي وزير نثار کهڙو رڳو ٿر جي شهرن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست شروع ڪئي هئي، جيڪا هيل تائين ٿر جي 2 هزار 325 ڳوٺن تائين نه پهچائي وئي آهي.

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته امدادي ڪڻڪ جي ورڇ ٽرانسپورٽيشن جو ٺيڪو نه ٿيڻ ڪري رڪيل آهي، جنهن لاءِ ريليف ڪمشنر سنڌ جي منظوري جو انتظار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*