نوشهروفيروز ۽ ميهڙ ويجهو ٻن روڊ حادثن ۾ هڪ مسافر فوت ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

Accident-Road-27217

نوشهروفيروز ۽ ميهڙ ويجهو ٻن روڊ حادثن ۾ هڪ مسافر فوت ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نوشهروفيروز ڀرسان قومي شاهراھه تي ٽرالر جو سامهون ايندڙ مسافر ڪوچ  سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر الهبچايو  موقعي تي فوت ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ 11 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي نوشهروفروز جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتان عورت نوربانو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس نوابشاھه اسپتال نيو ويو.

زخمين ۾ مسمات صوبيا، مسمات حبيبان، ياسين، شهزاد، نصرالله، محمد شاھ، محمد نواز، افتخار، ياسين احمد ۽ اختر  حسين شامل آهن، ڪوچ رحيم يار خان کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويا آهن.

ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي ايس اڇ او عبدالرزاق چانڊيو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*