قاضي احمد ويجهو يوسي چيئرمين جي نوجوان پٽ سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي

qazi ahmed

قاضي احمد ويجهو يوسي چيئرمين جي نوجوان پٽ سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، لاش جي ڳولا جاري آهي.

ڳوٺ بکر ڄام راهو جي رهواسي يوسي چيئرمين حاجي الهورايو راهو جي نوجوان پٽ تپيدار احمد خان راهو آمري پل وٽ سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش جي ڳولا جاري آهي.

 اطلاع ملڻ تي پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڪمشنر غلام مصطفى ڦل، ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق،ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڄام تماچي انڙ ۽ ٻيا عملدار  واقعي واري هنڌ پهتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*