قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف سمجهداري کان ڪم وٺي ۽ استعفيٰ ڏئي نئون وزيراعظم آڻي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف سمجهداري کان ڪم وٺي ۽ استعفيٰ ڏئي نئون وزيراعظم آڻي، ان سان سندس عزت بچي ويندي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هو چاهين ٿا ته جمهوريت قائم رهي ۽ اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته 2 جج نواز شريف خلاف اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪا آهن، هو سمجهداري کان ڪم وٺي، استعفيٰ ڏئي ۽ پنهنجي جي عزت بچائي.

خورشيد شاهه چيو ته هو پارليامينٽ کي بچائي رهيا آهن، ماضي ۾ پ پ جي وزير اعظم خلاف فيصلو آيو ته هنن نئون وزيراعظم آندو.

هن چيو ته نواز شريف به استعفيٰ ڏئي ۽ پ پ جيان نئون وزيراعظم آڻي.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ميان صاحب ايڏي وڏي راند نه کيڏيو جو عوام جو جمهوريت تان اعتماد کڄي وڃي.

هن چيو ته وڏي عجيب ڳالهه آهي ته ملڪ جو وزيراعظم به اقامه تي مزدوري ڪري رهيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ظفر حجازي حڪمرانن جي چوڻ تي ٽيمپرنگ ڪئي ۽ هاڻ کيس جيل وڃڻ کان بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي، جڏهن ته آصف زرداري ۽ هنن جيل ڪاٽيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*