خيبرايجنسي ۾ آپريشن خيبر-4 جاري آهي، آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

ispr

خيبرايجنسي ۾ آپريشن خيبر-4 جاري آهي، آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا، ۽ ڪجهه افغانستان طرف فرار ٿي ويا، ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته خيبرايجنسي ۾ آپريشن خيبر-4  ڪاميابي سان جاري  آهي .

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ فورسز دهشتگردن جي اهم چوڪين تي قبضو ڪري ورتو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪاررواين ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه، جنهن بعد ڪيترائي دهشتگرد افغانستان طرف فرار ٿي ويا آهن ۽ ڪارروائي ۾ بارودي سرنگهن سميت هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيا ويا آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*