اسلام آباد جي عدالت چوڌري شگر ملز جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي الزام هيٺ گرفتار ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ

zafer hajazi

اسلام آباد جي عدالت چوڌري شگر ملز جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي الزام هيٺ گرفتار ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل ظفر حجازي کي پمز مان ايمبولينس ذريعي اسلام آباد جي مقامي عدالت  پيش ڪيو ويو.

عدالت ظفر حجازي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪندي 26 جولاءِ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ظفر حجازي کي شريف ڪٽنب جي چوڌري شگر ملز جي  رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ضمانت رد ٿيڻ بعد  ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيو ويو هو ……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*