سپريم ڪورٽ مان پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ ئي ملڪ ۾ افواهن جي بازار گرم ٿي وئي آهي

pm

سپريم ڪورٽ مان پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ ئي ملڪ ۾ افواهن جي بازار گرم ٿي وئي آهي، غير يقيني صورتحال ۾ وزيراعظم جي نااهلي ۽ متبادل وزيراعظم جا نالا گردش ڪري رهيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازليگ وزارتِ عظميٰ شريف ڪٽنب کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي.

گذريل ڏينهن پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو آيو ان کي قبول ڪيو ويندو، ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم خلاف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ سمورا قانوني آپشنز استعمال ڪرڻ سان گڏ سياسي ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميان نوازشريف جي نااهلي جي صورت ۾ ميان شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويندو، سندس ايم اين اي طور چونڊ کان اڳ خواجا آصف کي عبوري وزيراعظم بڻايو ويندو.

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پارٽي متحد ۽ ميان نوازشريف سان گڏ آهي، سمورن فيصلن جا اختيار سندس حوالي ڪيا ويا آهن، امڪاني طور عبوري وزيراعظم اچڻ جي صورت ۾ به سمورا وزير ميان نوازشريف جي هدايتن تحت ڪم ڪندا رهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*