وڏي وزير مراد علي شاهه سان جرمني جي سفير ۽ قونصل جنرل ملاقات ڪري مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

cm meet

وڏي وزير مراد علي شاهه سان جرمني جي سفير ۽ قونصل جنرل ملاقات ڪري مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

جرمني جي سفير تيلو ڪلنر ۽ ڪراچي ۾ مقرر قونصل جنرل رائنر شميڊشن سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻن طرفن لاڳاپن، تونائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري، ٿر پاور پلانٽ لڳائڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وڏي وزير وزير چيو ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي.

هن چيو ته سمورين جاري ترقياتي رٿائن کي هر صورت ۾ ڏنل مدي اندر مڪمل ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*