گمبٽ ۾ ٽرين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي، سندس مڙس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ghambat hadsa

گمبٽ ۾ ٽرين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي، سندس مڙس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريلوي اسٽيشن ڦاٽڪ وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ نائيٽ ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڏينهن اڳ شادي ٿيل ناري سائره سومرو فوت ٿي وئي.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل ناري جو مڙس فداحسين سومرو ۽ ڏير مداحسين زخمي ٿي پيا، جن کي گمبٽ اسپتال نيو ويو بعد ۾ کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ناري جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*