ڪمشنر شهيد بينظير آباد غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق ايس ايم بند جي ٽن حساس پوائنٽن

nawabshah comisioner visit

ڪمشنر شهيد بينظير آباد غلام مصطفيٰ ڦل  ۽ ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق ايس ايم بند جي ٽن حساس پوائنٽن آر ڊي 106 مڏمنگلي، آر ڊي93  لاکاٽ ۽ آر ڊي 107 جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

 ڪمشنر دوري دوران آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته جلد ٽنهي حساس پوائنٽن تي مشينري پهچائي لانڍيون ٺاهيون وڃن.

ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل چيو ته برسات جي موسم هئڻ سان گڏ سنڌو درياهه جي پاڻي جي وهڪري ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري بند مضبوط ڪيا وڃن.

هن چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد مان اٽڪل هڪ لک ڪيوسڪ گذري رهيو آهي ۽ بند جون ٽئين پوائنٽون حساس آهن، تنهن ڪري جلد قدم کنيا وڃن.

ايس اي امجد ڏاوچ چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ 53 ملين تائين سنڌو درياهه مان پاڻي گذر ڪري ٿو،انهي ۾ 43 ميل بند شهيد بينظير آباد ڊويزن جا آهن.

هن چيو ته31 ميل تائين بندن جي پچنگ ٿيل آهي، وڌيڪ حساس پوائنٽن تي ڪم جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*