سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال،دادو ۽ کيرٿر ڪيئنال جي ڪپن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميه آپريشن ڪري 100 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

sukkur map

سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال،دادو ۽ کيرٿر ڪيئنال جي ڪپن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميه آپريشن ڪري 100 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، متاثرن مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جي گاڏي اڳيان سخت احتجاج ڪيو.

ضلعي انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن پوليس اٽالن سان گڏ دادو، کيرٿر ۽ رائيس ڪيئنالن جي ڪپن تي قائم حددخلين خلاف آپريشن 100 کان وڌيڪ  گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

سوين متاثرن پاڪ ڪتاب کڻي ڪجلو کوکر ۽ منٺار ميراڻي جي اڳواڻي ۾  سکر بيراج تي آيل  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جي گاڏي اڳيان ليٽي احتجاج ڪيو.

خورشيد شاهه متاثرين کي چيو ته انتظاميه سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن ڪري رهي آهي، توهان کي جڳهن جو معاوضو يا متبادل جڳهه ڏيارڻ لاءِ مان وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهائيندس.

خورشيد شاهه چيف انجنيئر ڀائي خان کي هدايت ڪئي ته جيستائين متاثرن جو مسئلو حل ٿئي، تيسائين ڪيئنالن تي حددخلين خلاف هلندڙ آپريشن کي روڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*