شڪارپور سانحي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي وڏو وزير قائم علي شاهه

سنڌ جي  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته شڪارپور سانحي جي چاچ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، شهيدن جي وارثن جا سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويندا.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شڪارپور پهچي سانحي جي 63 شهيدن جي وارثن کي 20-20 لک رپيا ۽ زخمين ۾ 2-2 لک رپين جا امدادي چيڪ ورهايا.

امام بارگاهه تي آپگهاتي بم حملي ۾ شهيدن ٿيلن جي وارثن پاران جوڙيل شهداءَ ڪميٽي 14 مطالبن تي ٻڌل فهرست وڏي وزير حوالي ڪئي.

شهداءَ ڪميٽي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر آرمي آپريشن ڪيو وڃي، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، عبادتگاهن جي سڪيورٽي لاءِ هٿيارن جا هڪ هزار لائنس ڏنا وڃن، فرقيوراڻا وال چاڪنگ ختم ڪئي وڃي، امام بارگاهن تي سي سي ٽي وي ڪمرائون لڳايون وڃن،  شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ سان گڏ  غير مقامي ماڻهو جي صحيح نموني جاچ ڪئي وڃي.

وڏي وزير سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ زخمين ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانحي ۾ ملوث جوابدارن تائين پهچي چڪا آهيون، سانحي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڏئي آهي.

وڏي وزير چيو ته شڪارپور سانحو سنڌ جو بدترين واقعو آهي، دهشتگردن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

سيد قائم علي شاهه چيو ته  شڪارپور ضلعي اندر فرقيوراڻي دهشتگردي تي ضابطي لاآءِ ايم پي ايز تي ٻڌل هڪ جوائنڊ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته شڪارپور سانحي ۾ شهيدن ٿيلن جي وارثن سان سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويندا ۽ وارثن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي اندر دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪجهه ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موت واري سزا تي عمل ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*