پ پ سينيٽر رحمان ملڪ لنڊن جو دورو مڪمل ڪري ڪراچي پهچي ويو

اڳوڻو وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ لنڊن جو دورو مڪمل ڪري ڪراچي پهچي ويو آهي، رحمان ملڪ اڄ پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري بريفنگ ڏيندو.ڍ

رحمان ملڪ، ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت ۽ ان بابت فارمولا کي ترتيب ڏيڻ لاءِ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سان ملاقات کانپوءِ ڪراچي پهتو.

رحمان ملڪ، پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو اهم پيغام ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين تائين کڻي ويو هو، جنهن دوران ٿيل ڳالهين بابت اڄ کيس بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب، رحمان ملڪ اڄ ڪنهن وقت به وڏي وزير، گورنر ۽ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات ڪري سنڌ سرڪار ۽ ايم ڪيو ايم ۾ هلندڙ معمالن بابت اعتماد ۾ وٺندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*