خيرپور پوليس 10 لک انعام يافتا بدنام ڌاڙيل کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

خيرپور پوليس 10 لک انعام يافتا بدنام ڌاڙيلن عزيز عرف عزو شيخ کي مقابلي بعد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

ايس ايس پي خيرپور بنگش پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي بعد ڏوهاري عزيز عرف عزو شيخ کي ماريو ويو آهي.

ايس ايس پي چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل اغوا، ڦرون ۽ قتل جي ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن تي 10 لک رپيا انعام رکيل هو.

ايس ايس پي خيرپور چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل وٽان هڪ دستي بن، چار ٽي ٽي پسٽل ۽ مقدار ۾ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سندس 4 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته بدنام ڏوهاري کي ماريندڙ پوليس ٽيم لاءِ ڊي آءِ جي سکر پاران هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*