صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف کي عهدي تان زوريءَ لاٿو ويو ته عام چونڊون دير سان ٿينديون

manzoor wassan

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف کي عهدي تان زوريءَ لاٿو ويو ته عام چونڊون دير سان ٿينديون، قرباني سدائين ننڍن جانورن جي ٿيندي آهي پر هن ڀيري وڏا سان قربان ٿيندا.

سنڌ اسيمبلي ٻاهر ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته صوبائي احتساب ايجنسي جي مخالفت ڪندڙ اندروني طور بل جا حامي آهن.

هن چيو ته وڏي عيد تي هميشه ننڍن جانورن جي قرباني ٿيندي آهي پر هن ڀيري وڏن سانن کان قرباني جي شروعات ٿيندي.

منظور وساڻ چيو ته احتساب جو سلسلو سياستدانن تائين  محدود نه رهندو ۽ سڄي ملڪ ۾ بيوروڪريٽس، ججن، ادارن ۽ ٻين جي مرحليوار قرباني ٿيندي.

صوبائي وزير چيو ته چوڌري نثار کي چيلهه ۾ سور انڪري آهي جو چاهي ٿو ته شهباز شريف وزيراعظم بڻجي.

منظور وساڻ چيو ته وزيراعظم کي زوري لاٿو ويو ته چونڊون دير سان ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*