سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ احتساب بل ڪرپشن روڪڻ

khuwaja izhar

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ احتساب بل ڪرپشن روڪڻ نه پر ڪرپشن کي قابو ڪرڻ ۾آڻڻ لاءِ آندو پيو وڃي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو آهي ته پاناما بعد شروع ٿيل سلسلي کان ڊڄي ڪري بل پاس ڪيو پيو وڃي ته جيئن پنهنجين وڏين مڇين کي بچايو وڃي.

سنڌ اسيمبلي اجلاس کان اڳ مخالف خواجه اظهار چيو ته سنڌ احتساب بل ڪرپشن روڪڻ نه پر ڪرپشن کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ آندو پيو وڃي.

نصرت سحر عباسي چيو ته ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ نيب جهڙو ادارو ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پنهنجين وڏين مڇين کي بچايو وڃي.

هن چيو ته پاڻ ئي ادارو ٺاهي پاڻ کي ئي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو سڄي دنيا ۾ مثال نٿو ملي، احتساب بل تڪڙو پاس ڪرڻ جو مقصد پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

نصرت سحر عباسي چيو ته پاناما بعد شروع ٿيل سلسلي کان ڊڄي اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*