سکر، وارهه ۽ تنگواڻي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، بجلي بند هئڻ ۽ خراب ٽرانسفارمر نه ٺاهڻ خلاف رهواسين احتجاج ڪيو

sukkur load shedding

سکر، وارهه ۽ تنگواڻي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، بجلي بند هئڻ ۽ خراب ٽرانسفارمر نه ٺاهڻ  خلاف رهواسين احتجاج ڪيو.

 سکر ۾ پاڪ ڪالوني جي رهواسين ايوب گيٽ روڊ ڪچرو اڇلائڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته پاڪ ڪالوني جو ٽرانسفارمر 5 ڏينهن خراب ٿيل آهي، پر سيپڪو عملدار ان کي ٺاهڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته سيپڪو عملدار خراب ٽرانسفارمر ٺاهڻ لاءِ رشوت گهري رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خراب ٿيل ٽرانسفارمر جلد ٺهرائي اسان کي گرمي جي عذاب کان بچايو وڃي.

وارھه ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ خلاف ستين ڏينهن به واپاري اتحاد جي سڏ تي شهرين نياز حيدري ۽ بشير چولياڻيجي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  شهيد فاضل راهو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو عملدار شهر ۾ 16، 16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سيپڪو عملدار شهرين ڏانهن ڳرا بل به موڪلي رهيا آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سيپڪو ۽ لائين سپرنٽينڊنٽ کي هٽائي شهر مان هٿرادو لوڊشڊنگ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سيپڪو عملدار فالٽ ڄاڻائي تنگواڻي فيڊر جي بجلي ٻن ڏينهن کان ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تنگواڻي شهر ۽ آسپاس جي 200 ڳوٺن جي بجلي ٻن ڏينهن کان بند آهي.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تنگواڻي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*