پگهارون نه ملڻ، پڪو نه ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن جي وفد کي تعليم واري سيڪريٽري ڳالهين لاءِ سڏائي ورتو آهي

khi pro

پگهارون نه ملڻ، پڪو نه ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن جي وفد کي تعليم واري سيڪريٽري ڳالهين لاءِ سڏائي ورتو آهي.

2012ع دوران ڀرتي ڀرتي ڪيل سنڌي لينگويج ٽيچرز، سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس استادن ۽ خيرپور جي اڌر ڪيڊر استادن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت پاران ڀرتين جي جاچ ڪرائڻ باوجود کين پگهارو نه پيون ڏنيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن استادن جو مطالهو آهي ته جائز مطالبا مڃي سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.

تعليم واري سيڪريٽري عزيز عقيلي احتجاج لاءِ پهتل استادن جي وفد کي ڳالهين لاءِ سڏائي ورتو آهي.

استادن جي سي ايم هائوس ڏانهن مارچ واري چتاءَ بعد پوليس نفري ۽ واٽر ڪينن گاڏيون گهرايون ويون آهن، تعليم واري سيڪريٽري ۽ استادن جي وفد ۾ ڳالهايون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*