مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حڪمرانن جي ڪرپشن عوام آڏو وائکي ٿي چڪي آهي

pervaiz elahi

مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حڪمرانن جي ڪرپشن عوام آڏو وائکي ٿي چڪي آهي، پنجاب حڪومت جو هر هڪ منصوبو ڪرپشن جو داستان آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن عوام آڏو وائکي ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته عوام دعا ڪري ته ڪرپٽ حڪمران کان جلد جان آجي ٿي وڃي.

مسلم ليگ قاف جي اڳواڻ چيو ته پنجاب حڪومت جو هر هڪ منصوبو ڪرپشن جو داستان آهي، آڊيٽر جنرل ڪرپشن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.

چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسان جو منصوبو عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ آهي.a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*