وزيراعظم هائوس جي ترجمان مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو

Musadiq-Malik-14417

وزيراعظم هائوس جي ترجمان مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو، چوڌري نثار وزارت يا پارٽي نه ڇڏيندو، هو نواز ليگ سان گڏ هو ۽ گڏ رهندو.

جاري ڪيل بيان ۾ مصدق ملڪ چيو ته چار سيٽون کٽندڙ ننڍڙي جماعت وزيراعظم نوازشريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ نه ئي ڪو استعيفيٰ  جو جواب ٺهي ٿو.

پي ايم هائوس جي ترجمان چيو ته جيڪي ماڻهو وزيراعظم لاءِ نئين نالن تي ويچار جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن لاءِ جواب آهي ته ٽن نالن تي اتفاق ٿيو آهي، جن ۾ نوازشريف، نوازشريف ۽ نوازشريف شامل آهن.

مصدق ملڪ چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پارٽي يا وزارت نه ڇڏيندو، هو نواز ليگ سان گڏ هو ۽ گڏ رهندو.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان چيو ته چوڌري نثار پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، ڪا به غلط ڳالهه نه ڪئي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هميشه وزيراعظم ۽ حڪومت جي مفاد ۾ ڳالهه ڪندو آهي.

مصدق ملڪ چيو ته نواز ليگ جمهوري پارٽي آهي، اختلافن جو اظهار سڀني جو حق آهي، چوڌري نثار پارٽي نه ڇڏيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*