سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان موت جي سزا ٻڌايل قيدي جي سزا کي معطل ڪندي لاڳاپيل ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

supreme court

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان موت جي سزا ٻڌايل قيدي جي سزا کي معطل ڪندي لاڳاپيل ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ فوجي عدالت طرفان موت جي سزا ٻڌايل جوابدار جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فوجي عدالت قانون جي گهرُجن جو خيال رکيو.

جوابدار چيو ته جوابدار کي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو.

سپريم ڪورٽ  فوجي عدالت پاران موت جي سزا ٻڌايل قيدي جي سزا روڪي ڇڏي.

عدالت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جوابدار محمد اڪبر جي موت خلاف اپيل کي رد ڪيو هو.

جوابدار محمد اڪبر کي 2009ع ۾ ٻن فوجي اهلڪارن جي قتل جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتو هو، جنهن وٽان 5 ڪلو بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*