لاهور ۾ ارفع ڪريم ٽاور ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي تدفين لاهور ۾ ڪئي آهي

lahore blast

لاهور ۾ ارفع ڪريم ٽاور ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي تدفين لاهور ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻين شهيدن جا مڙهه پنجاب جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليا ويا آهن.

گذريل ڏينهن لاهور جي ارفع ٽائون ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا، جن ۾ 9 پوليس اهلڪار به شامل هئا.

آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ ٻه سڳا ڀائر به شامل هئا، جن جي تدفين لاهور ۾ ڪئي وئي. ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ٻين اهلڪارن جا مڙهه پنجاب جي مختلف علائقن ڏانهن اماڻيا ويا ويا آهن.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن ۾ ارفع ڪريم ٽاور جو ملازم خرم نذير به شامل آهي.

شهيد ٿيل خرم نذير افع ڪريم ٽاور ۾ نيٽ ورڪ آپريٽر طور ڪم ڪندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*