لاهور ۾ گذريل ڏينهن ٿيل آپگهاتي ڌماڪي بعد شهر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي

Shahbaz-Sharif-211016

لاهور ۾ گذريل ڏينهن ٿيل آپگهاتي ڌماڪي بعد شهر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي، سندس چوڻ آهي ته انسان دشمن دهشتگردن کي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف اتفاق اسپتال جو دورو ڪري ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪري بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته انسان دشمن دهشتگردن کي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيلن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته معصوم پاڪستانين جو خون وهائيندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو.

شهباز شريف چيو ته لاهور ڌماڪو دهشتگردي جو بدترين واقعو آهي، معصوم ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردن بزدلاڻي ۽ بي رحماڻي ڪارروائي ڪئي آهي، کين بخش نه ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*