وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مالديپ روانو ٿي ويو،
وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مالديپ روانو ٿي ويو، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز به ساڻس گڏ آهي.
وزيراعظم نوازشريف مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم جي دعوت تي ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم مالديپ جي آزادي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ به مهمان خصوصي طور شرڪت ڪندو.
دوري دوران وزيراعظم نوازشريف مالديپ جي صدر سان باضابطا ملاقات ڪندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪاري معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.