ملڪ ۾ برساتن سبب سنڌو درياءَ جي پاڻي سطح ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي

sindhu darya

ملڪ ۾ برساتن سبب سنڌو درياءَ جي پاڻي سطح ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، ڪنٽرول روم جي انچارج موجب گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 696  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 14 هزار 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويوآهي.

ڪنٽرول روم جي انچارج جو چوڻ آهي ته سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 67 هزار 310ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 22 هزار 875 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڪنٽرول روم جي انچارج چيو ته ڪوٽڙي بئراج  وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 75 هزار 801  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 43 هزار 3 سئو 46 ڪيوسڪ  رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*