سپريم ڪورٽ ۾ جنگ گروپ جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ ۾ جنگ گروپ جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ذريعن وٽان عدالت جا غلط فيصلا هلايا پيا وڃن، جي آءِ ٽي ۽ عدليا کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ جنگ گروپ جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. مير شڪيل سميت ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جنگ گروپ پاران توهين عدالت ڪيس ۾ جواب داخل ڪرايو ويو.

عدالت چيو ته جيڪو جواب داخل ڪيو ويو آهي، انهي کي پڙهي ڏسو، هي ڪهڙو جوابدار آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اوهان جي اخبار ۾ جي آءِ ٽي واري خبر بائونس ٿي وئي آهي، اڳين ڏنهن اوهان کي معافي به وٺڻي پئي.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي ڄاڻي واڻي بدنام ڪيو پيو وڃي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ذريعن وٽان غلط فيصلا هلايا پيا وڃن، عوام ۾ مونجهارو پيو ڪيو وڃي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي ۽ عدالت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

عدالت چيو ته جيڪڏهن جواب ۾ ڪو اضافو ڪرڻ چاهيون ته ڀلي ڪري وٺو، ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*