تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته الزام لڳائڻ تي شريف خاندان جو شڪر گذار آهيان

Imran-Khan-Mashal-Case-18417

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته الزام لڳائڻ تي شريف خاندان جو شڪر گذار آهيان، پاڻ کي قوم آڏو احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ عمران خان چيو ته هن شريفن جي الزامن بعد 40 سال پراڻو رڪارڊ ڳولي ورتو آهي، جنهن جي ذريعي بينڪنگ رڪارڊ مان ثابت ٿي ويندو ته پيسا ڪٿان آيا آهن.

هن چيو ته هو شريف خاندان جو ٿورائتو آهي، جون انهن مٿس الزام لڳايا.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته احتساب جي ان عمل سان شريف خاندان جي مالي ڏوهه تان پردو کڄي چڪو آهي.

عمران خان چيو هن پاڻ کي قوم آڏو احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*