سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال، دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن جي ڪپن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميه آپريشن ڪري 200 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن

Sukkur-Barrage-gadu-01

سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سکر بئراج مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال، دادو ۽ کيرٿر  ڪئنالن جي ڪپن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميه آپريشن ڪري 200 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

انتظاميه ٽنهي ڪئنالن جي ڪپن تي قائم حددخليون هٽائڻ لاءِ ڳري مشين ذريعي آپريشن ڪري 200 گهر ڊاهي ڇڏيا آهن.

انتظاميه پاران آپريشن ڪرڻ دوران رهواسي پاڻمرادو نقصان کان بچڻ لاءِ سامان ڪڍي لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.

گذريل آچر واري ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جي گاڏي آڏو متاثرن احتجاج ڪيو هو.

خورشيد شاهه متاثرن کي خاطري ڪرائي هئي ته هو کين متبادل پلاٽ ۽ معاوضي لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهائيندو پر خورشيد شاهه جي اسلام آباد وڃڻ بعد ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

متاثرن کي پلاٽ يا معاوضو ڏيڻ بابت ڪو به فيصلو ٿي نه سگهيو، متاثر پاڻمرادو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*