نوابشاهه ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن مسجد اقصيٰ تي اسرائيل جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah palestine students protest

نوابشاهه ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن مسجد اقصيٰ تي اسرائيل جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

قائد عوام يونيورسٽي آف انجنئيرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي،  جي فلسطيني شاگردن بلاول، محمد خطيب، نزار، عبدالسلام ۽ ٻين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن چيو ته اسرائيل جي قبضي سبب گذريل 15 ڏينهن کان مسجد اقصيٰ ۾ ڪو به مسلمان نماز نٿو پڙهي سگهي، جڏهن ته بيگناهه فلسطينين کي قتل ڪيو پيو وڃي.

هنن دنيا جي سمورن مسلمانن کي اپيل ڪئي ته مسجد اقصيٰ تان  قبضو ڇڏائڻ لاءِ سندن ساٿ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*