تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته فيصلي کانپوءِ نواز ليگ جي ليڊرشپ ردي جي ٽوڪري ۾ هلي ويندي

fawad chodhry

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته فيصلي کانپوءِ نواز ليگ جي ليڊرشپ ردي جي ٽوڪري ۾ هلي ويندي، عمران خان 1977ع کان 78 تائين مني ٽريل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان خلاف سمورا ڪيس ردي جي ٽوڪري ۾ ويندا،

هن چيو ته عمران خان جو اهو ڏوهه ناهي ته هن بني گالا ۾ ملڪيت خريد ڪري پر سندس ڏوهه اهو آهي ته هو پاناما معاملي کي اٿاري رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ کيڏڻ جا سمورا دستاويزڏئي ڇڏيا آهن.

فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي لنڊن اپارٽمنٽ پنجاهه لک روپين ۾ وڪرو ڪيو، جيڪي پيسا پاڪستان آيا ۽ بني گالا ملڪيت خريد ڪئي.

هن چيو ته  عمران خان جو ڏوهه صرف ايترو آهي جو هو چئي رهيو آهي ته عوام جو پيسو واپس ڏيهه آندو وڃي.

فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن ڪمائي حلال جي هجي ته قطري خط ۽ جعلي دستاويزن جي ضرورت ناهي پوندي.

هن چيو ته عمران خان کان پنج پنج هزار رپين جو به حساب ورتو پيو وڃي.

فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ فيصلي سان نواز ليگ جي ليڊرشپ ردي جي ٽوڪري ۾ هلي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*