ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس هاءِ ويز کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

mirpur  anti coruption

ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن   پوليس هاءِ ويز کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدارن کي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ کان اڳ ادائيگين جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم پراونشل هاءِ ويز ڊويزن مير پور خاص جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٻن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ٽيم جي انچارج انسپيڪٽر عرس زرداري جو چوڻ هو  ته روڊن جون ڪروڙين رپين جون  اسڪيمون  مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ٺيڪيدارن کي مڪمل ادائگي ڪئي وئي.

هن چيو ته سال 2016 ۽ 2017 جو رڪارڊ ضبط ڪيو ويو آهي، جاچ بعد وڌيڪ ڪارروائي بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*