قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ادارن جو ڪمزور ٿيڻ ۽ غيريقيني صورتحال رياست لاءِ خطرناڪ هوندي آهي

khursheed shah isb

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ادارن جو ڪمزور ٿيڻ ۽ غيريقيني صورتحال رياست لاءِ خطرناڪ هوندي آهي، ماضي ۾ پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي اپوزيشن بچايو هو، هاڻ نوازشريف جي ذميواري آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ فيصلي کان اڳ ئي کيس پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي.

هن چيو ته هڪ ڀيرو اپوزيشن جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي بچايو هو، هاڻ نوازشريف جي ذميواري آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته اقامو ڪنهن نوڪري لاءِ هوندو آهي، جيڪو ٻٽي شهريت ناهي ۽ نه ئي ڪو ڏوهه آهي پر ان کي لڪائڻ ڏوهه آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن اتحاد ۾ شامل هر جماعت پنهنجي پاليسي ۾ آزاد آهي، جيڪڏهن ڪا اپوزيشن جماعت نوازشريف جي حمايت ڪري ٿي ته ان جو سياسي نقصان به کيس ئي ٿيندو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته نوازشريف سان گڏ عمران خان به سپريم ڪورٽ جي پڪڙ ۾ ايندو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته 60 هزار جوان شهيد ڪرائڻ باوجود دنيا پاڪستان تي الزام لڳائي رهي آهي، جيڪا پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*