مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز چيو اهي ته عمران خان سپريم ڪروٽٽ ۾ قلابازيون اڃ به جاري رکيون

daniyal aziz

مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال عزيز چيو اهي ته عمران خان سپريم ڪروٽٽ ۾ قلابازيون اڃ به جاري رکيون، حنفي عباسي چيو آهي ته عمران خان کيس نااهل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، عمران رڳو اقتدار لاءِ سياست ڪري ٿو پر سندس هٿن ۾ اقتدار جي لڪير ئي ناهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته ڪنهن به صورت ۾ بني گالا جا پيسا پورا نٿا ٿين، عمران خان پاڻ ئي مني ٽريل نه هئڻ جو اعتراف ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان اڄ به سپريم ڪورٽ ۾ قلابازيون قلابازيون کاڌيون، عمران وٽ بني گالا جي ٽريل ئي نه آهي.

حنيف عباسي چيو ته عمران رڳو اقتدار سياست ڪري ٿو، جڏهن ته سندس هٿن ۾ اقتدار جي لڪير ئي نه آهي.

هن چيو ته عمران خان جيڪي دستاويز لڪايا آهن،  اهي سومر تي سامهون آڻيندو.

حنيف عباسي چيو ته عمران خان نااهل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*