ڄام نوازعلي جي ڀرواري شهر ٻيراڻي ۾صفائي جي ناقص انتطام سبب گندگي جو آزار وڌي ويو آهي

jam nawaz gandgi

ڄام نوازعلي جي ڀرواري شهر ٻيراڻي ۾صفائي جي ناقص انتطام سبب  گندگي جو آزار وڌي ويو آهي.

وارڊ نمبر چار جي  سيد اسماعيل شاهه پاڙي  ۾ گٽرن جو پاڻي امام بارگاهه، ڪرڙ شيدي جو پڙ ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي.

اسماعيل شاهه پاڙي  جي رهواسين  الطاف مگسي، وزير علي شيدي ۽ ٻين چيو ته ٻيراڻي ٽائون عملي کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي.

هنن چيو ته گندگي سبب مڇرن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ شهري بيمار ٿي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسماعيل شاهه پاڙي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*