سپريم ڪورٽ ۾ عمران خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

Supreme-Court-Pak-Imran-6517سپريم ڪورٽ ۾ عمران خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري عمران خان جا دٻي ۾ سيل ٽيڪس گوشوارا پيش ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ٻي ڌر مني لانڊرنگ جو الزام ناهي لڳايو، ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه اچي پيو انهي سان واسطو ناهي عدالت پنهنجي اطمينان لاءِ دستاويز طلب ڪيا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ حنيف عباسيءَ جي عمران خان خلاف نااهلي ڪيس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس عمر عطا بنيديال ۽ جسٽس فيصل عرب شامل آهي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته ٽيڪس گوشوارن مان واضح ٿئي ٿو ته عمران خان ٽيڪس چوري ناهي ڪئي.

وڪيل نعيم بخاري چيو ته ڪيس ۾ ٽيڪس لڪائڻ ۽ ايمنسٽي اسڪيم مان غلط فائدو حاصل ڪرڻ جا الزام آهن.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ غير ملڪي آمدني ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا به پابندي نه هئي ۽ عمران خان پرڏيهي ڪمائي ظاهر نه ڪئي، جڏهن ته ايف بي آر به کين ڪو نوٽيس جار ينه ڪيو آهي.

عمران خان جي وڪيل چيو ته آسٽريليا ۽ لنڊن مان ڪرڪيٽ ڪمائي ۽ لنڊن فليٽس جي ادائيگي جو بينڪ رڪارڊ به ملي چڪو آهي.

چيف جسٽس چيو ته جواب ۾ واضح طور چيو ويو ته عمران خان لنڊن فليٽ جو مالڪ هو، جنهن تي نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته 16 دسمبر 1983ع کان 11 هزار 750 پائونڊ جمع ڪرائي ويا، جڏهن ته لنڊن فليٽ لاءِ 1983ع ۾ ڊائون پيمنٽ ڪئي وئي ۽ لنڊن فليٽ خريداري ۾ مني لانڊرنگ جو ڪو به معاملو نه آهي.

اڪرم شيخ چيو ته بينڪ رڪارڊ بابت بينڪن مان تصديق ڪرائي وڃي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته ڪجهه بينڪن جي خبر ناهي ته اهي بند ٿي چڪيون آهن يا اڃا به  قائم آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان اهو به ٻڌايو ته بينڪ ختم ٿي ويون ته رڪارڊ ڪٿان آيو، اوهان جي پهرين ۽ هاڻ واري موقف ۾ فرق آهي. عمران خان جي اسيمبلي ۾ تقرير 7 جمائما جي انٽرويو جو به معاملو آهي.

نعيم بخاري چيو ته قطري خط شرم جو سبب بڻيو، اها به ڄاڻ آهي ته رڪارڊ جي تصديق لاءِ لنڊن به وڃڻو پيو ته ويندس.

عدالت عمران خان جي نااهلي درخواست  31 جولاءِ تائين  ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته سڀاڻي تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي نااهلي درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*