جيڪب آباد ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ خوشحال خٽڪ جون 3 بوگيون ڪلٽي ٿي پيون

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا آهن، ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال اعواڻ چيو آهي ته حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.

ڪراچي کان پنجاب ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جيڪب آباد کان ٺل طرف وڃي رهي هئي ته نور واهه ۽ دلمراد اسٽيشن جي وچ واري علائقي ۾ ٽريڪ تي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ڪلٽي ٿي پيون.

ڌماڪي جي اطلاع تي امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو آهي.

ڌماڪي سبب ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهچڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ريلوي اسٽيشنز تي ٽرينن کي روڪيو ويو.

ايس ايس پي جيڪب آباد ملڪ ظفر اقبال اعواڻ چيو آهي ته حادثي ۾ ڪو وڏو نقصان ناهي ٿيو، ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ جاچ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*