هٿيار اسڪينڊل ڪيس ۾ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن کي طلب ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

پشاور جي احتساب عدالت، هٿيار اسڪينڊل ڪيس ۾ ايف سي ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي طلب ڪرڻ بابت نيب جي درخواست تي فيصلو 13 نومبر تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پشاور جي احتساب عدالت جي جج ابراهيم خان يوسفزئي هٿيار اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻيءَ دوران خيبر پختونخواهه جو اڳوڻو آءِ جي ملڪ نويد، جاويد خان، رضا علي خان ۽ اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر جي ڀاءُ غزن هوتي  کي  پيش ڪيو ويو.

سمورن جوابدارن کي جيل کان بڪتربند گاڏين ذريعي سخت سڪيورٽي جي پهري هيٺ عدالت ۾ آندو ويو.

ٻڌڻيءَ جي موقعي تي نيب عدالت کي درخواست ڏني ته ڪيس ۾ ايف سي ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي.

عدالت، نيب جي اهڙي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فيصلو 13 نومبر تي ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*