تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان اڄ شڪارپور پهچندو

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان اڄ شڪارپور پهچي سانحي ۾شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪندو، پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان شڪارپور ۾ اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن سان تعزيت لاءِ رات دير سان سکر پهتل آهي، جتان اڄ هو شڪارپور پهچندو.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻيا اڳواڻ به عمران خان سان گڏ شڪارپور پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪندا.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته عمران خان شهيدن جي وارثن سان تعزيت بعد اهم پريس ڪانفرنس ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*