سپريم حنيف عباسي جي درخواست تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کان پنج سوالن جا جواب گهري ورتا

supreme court

سپريم حنيف عباسي جي درخواست تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کان پنج سوالن جا جواب گهري ورتا، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته هيءُ سنجيده معاملو آهي، ڪنهن کي رڳو مفروضن جي بنياد تي نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي اهليت بابت حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا هر پارليامينٽرين خلاف ڪيس سڌي ريت سپريم ڪورٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ جهانگير ترين آهي، سڀاڻي ڪنهن ٻئي اسميبلي ميمبر خلاف درخواست ايندي، ملڪ ۾ ٻين فورمز جي موجودگي ۾ ڇا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.

جهانگير ترين جي وڪيل عاضد نفيس چيو ته پاناما ڪيس آف شور ڪمپنين سبب هتي آندو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا پاناما جو سبب ڄاڻي ڪيس ٻڌو وڃي؟

چيف جسٽس چيو ته جهانگير ترين ٽرسٽ ڪيتري رقم مان ٺاهيو؟، ڪمپني جو ليگل ۽ بينيفشل اونر ڪير آهي؟ ۽ جهانگير ترين ٻارن کي گفٽ طور ڪيتري رقم موڪلي؟.

وڪيل عاضد نفيس چيو ته جهانگير ترين ٽي وي انٽروي ۾ چيو هو ته پرڏيهه ۾ سندس ملڪيت آهي.

چيف جسٽس چيو ته شائني آف شور ڪمپنيون ڪٿي رجسٽرڊ آهن؟

جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته ايمانداري جي ڳالهه آهي ته مون کي ڪمپني جي نالي جي به خبرنه آهي، هو عدالت جي سمورن سوالن جا جواب ڏيندو ۽ موڪل کان هدايتون به وٺندو.

جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته 2011ع کان ڪمپني سندس ٻارن جي آهي، جنهن جي ٽيڪس برطانيا ۾ ڏني ويندي آهي، هن سان ٽرسٽ جو سڌي ريت ڪو به تعلق نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته اهو ٽرسٽ ڪٿي ٺهيو، ان جو ڪو ته ٽرسٽ ڊيڊ هوندو.

جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اليڪشن قانون موجب آمدني ۽ اثاثن جا ذريعا ٻڌائڻ ضروري نه آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪيتري رقم ۾ هي ٽرسٽ ٺاهيو ويو، اهو ته ٻڌايو.

جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته هو سڀاڻي عدالت ۾ سمورن سوالن جا جواب ڏيندو ۽ دستاويز حاصل ڪري جمع به ڪرائيندو.

چيف جسٽس چيو ته جڏهن درخواست ۾ ٻارڙن کي ڌر ناهي بڻايو ويو ته پوءِ ڇا عدالت ان جو ٽيڪس رڪارڊ طلب ڪري سگهي ٿي.

وڪيل عاضد نفيس چيو ته جهانگير ترين پنهنجي موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ اهي دستاويز پيش ڪندو.

حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته جهانگير ترين قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 154 تان چونڊ وڙهڻ وقت زرعي زمين لڪائي، اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي هو صادق ۽ امين نه رهيو آهي.

حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته جهانگير ترين خلاف 4 آئيني گرائونڊ آهن.

سپريم حنيف عباسي جي درخواست تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کان پنج سوالن جا جواب گهري ورتا.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته هيءُ سنجيده معاملو آهي، ڪنهن کي رڳو مفروضن جي بنياد تي نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*