جوهي ۾ آبادگارن پاران جوهي برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

johi

جوهي ۾ آبادگارن پاران جوهي برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ميهر گاڏهي ۽ امام علي رستماڻي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن 15 هين ڏينهن به شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري دادو روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته جوهي برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن پر ڪو به عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

 هنن چيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي بااثر آبادگارن کي پاڻي رشوت عيوض وڪرو ڪري  رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ مان پاڻي چور ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*