ملتان ۾ نينگريءَ سان زيادتي ڪيس جي جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڀيڻ سان زيادتي ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

Multan

ملتان ۾ نينگريءَ سان زيادتي ڪيس جي جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڀيڻ سان زيادتي ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ٻنهي ڌرين تي ڪيس داخل ڪندي فيصلو ڪندڙ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ملتان جي علائقي راجا پور ۾ مظفر آباد ٿاڻي جي حد ۾ 16 جولاءِ تي 12 ورهين جي  نينگري سان مبينا زيادتي ٿي، جنهن بعد 18 جولاءِ تي معاملي جو جرڳو ڪيو ويو.

پوليس موجب، جرڳي ڪندڙن ناري سان زيادي جي بدلي زيادتي جي فتويٰ جاري ڪئي،جن جي حڪم تي جوابدار جي ڀيڻ کي متاثر ڇوڪري جي ڀاءُ زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته زيادتي بعد ڌرين هڪ ٻئي خلاف ڪيس به داخل ڪرايا آهن، واقعي جو اطلاع بعد فوري ڪارروائي ڪئي.

پوليس موجب، جرڳو ڪندڙ سميت 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته پنچائت جي حڪم تي ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*