نوازليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته ڪيس ختم ۽ عمران خان نااهل ٿي رهيو آهي، سندس اي ٽي ايم به ٽٽڻ وارا آهن

daniyal aziz

نوازليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته ڪيس ختم ۽ عمران  خان نااهل ٿي رهيو آهي، سندس اي ٽي ايم به ٽٽڻ وارا آهن، دانيال عزيز چيو آهي ته عدالت کي سڀني لاءِ قانون برابر رکڻو پوندو، مڪمل انصاف لاءِ عوام جي بنيادي حقن کي به سامهون رکڻو پوندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته عمران خان نااهل ٿي رهيو آهي، سندس اي ٽي ايمز به ٽٽڻ وارا آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 62 اسان تي نه پر انهن تي لاڳو ٿئي ٿو، هو ڪڏهن به عدالت ۽ جيل کان نه ڀڳو، مشرف دور ۾ سمورن ڪيسن کي منهن ڏنو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ عوام لاءِ آهي، هو عمران خان جيان ناهي ته 8 ڪلاڪ جيل ۾ رهي ته رڙيون ڪرڻ لڳي.

هن چيو ته جهانگير ترين جي ڪارنامن جي مڪمل جاچ ٿيندي ته سموريون شيون سامهون اينديون، اهي قوم آڏو بي نقاب ٿي ويندا.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي، عدالت جو هر فيصلو قبول ڪنداسين.

حنيف عباسي چيو ته وزيراعظم جي نالي تي ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي، عمران خان يهودين ۽ هندن کان پيسا ورتا، آچر ڏهاڙي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*