اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي بحران جي ذميوار حڪومت آهي

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي بحران جي ذميوار حڪومت آهي، عمران سپريم ڪورٽ کي ڊڪٽيٽ نه ڪري، اهو ملڪ جو اعليٰ ادارو آهي، هڪ شخص کي نااهل ۽ ٻئي کي ڇڏيو وڃي، اهو درست عمل نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جو مسئلو هلي رهيو آهي، سڀاڻي پيٽرول نه مليو ته هو پارليامينٽ ۾ سائيڪل تي ايندو.

هن چيو ته ماڻهو کيس مشورو ڏئي رهيا آهن ته موٽرسائيڪل يا سائيڪل جو بندوبست ڪري وٺو.

خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول نه ملندو ته عوام گڏهه گاڏن ۽ سائيڪل تي به گذارو ڪندو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ کي ڊڪٽيٽ نه ڪري.

خورشيد شاهه چيو ته هڪ شخص کي نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ ٻئي کي ڇڏي ڏنو وڃي اهو درست عمل نه هوندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*