نوازليگ سرڪار ناراض وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

chodhry nisar or shahbaz sharef

نوازليگ سرڪار ناراض وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، شهباز شريف ساڻس اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف اسلام آباد پهچي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ چوڌري نثار پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته هو پارٽي نه ڇڏيندو، ڪارڪن جي صورت ۾ پارٽي سان گڏ رهندو.

ذريعن موجب شهباز شريف پنهنجي پاران چوڌري نثار جي ناراضگي ختم ڪرائڻ لاءِ خدشن تي ويچار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ميان نوازشريف به کيس عزت جي نظر سان ڏسندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*