ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جن ڏکڻ آفريڪي نيٽ ورڪ جي چوڻ تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو, رينجرز ترجمان ڪرنل قيصر خٽڪ

Sindh-Rangers-26717

ڪراچيءَ ۾ رينجرز ڪامياب ڪارروائي ڪري، 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ 2 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان ڪرنل قيصر خٽڪ چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جن ڏکڻ آفريڪي نيٽ ورڪ جي چوڻ تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو.

رينجرز جي ترجمان ڪرنل قيصر خٽڪ رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ سياسي پارٽي جي ٻن ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث 2 مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪرنل قيصر چيو ته ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن محمد دانش ۽ محمد رحيم جو واسطو متحده لنڊن سان آهي، قتل واري واقعي جي ٻن ڏينهن بعد ايم ڪيو ايم باني قاتلن کي واٽس ايپ ڪال ذريعي شاباش ڏني.

Sindh-Rangers-MQM--Massage-26717

رينجرز ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، هاڻي ڪراچيءَ کي لنڊن مان هڪ فون ذريعي بند ڪرڻ، لاش ڪيرائڻ ۽ ڀتو نه ڏيڻ تان باهيون ڏيڻ وارو وقت گذري ويو، هاڻي ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.

رينجرز ترجمان چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ وارن واقعن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين ۽ قتل جا ڪارڻ به معلوم ٿي ويندا.

ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن جو سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ واٽس ايپ ذريعي متحده ڏکڻ آفريقا جي سيٽ اپ سان رابطي ۾ هئا ۽ متحده باني به قاتلن کي واٽس ايپ ڪال ذريعي مبارڪباد ڏني هئي، جنهن جي رڪارڊنگ به هٿ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته اورنگي ٽائون ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا ۾ موجود عبدالله ڪراچي ۾ موجود شخص هدايتون ڏنيون.

هن چيو ته متحده لنڊن جا اڳواڻ نديم نصرت، عبدالرشيد عرف بابو بنگالي ۽ قمر ٽيڊي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز جي فنانسگ ڪري رهيا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*